دايو، فقير منور علي

دايو، فقير منور علي

فقير منور علي دايو

فقير منور علي دايو : نامياري صوفي راڳيءَ فقير منور علي دايي جو اصل نالو فقير شفقت علي ولد فقير لطف علي دايو آهي، سندس جنم پهرين جنوري 1967ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ايم. اي اقتصاديات، پي. ٽي. سي ۽ بي. ايڊ جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن ۽ هن وقت تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ذميداريون سر انجام ڏئي رهيو آهي. فقير منور علي دايو مشهور صوفي شاعر غمدل فقير جو پوٽو آهي. فقير منور علي جو خاندان تصوف سان واڳيل هو، انڪري هن به صوفي رنگ اختيار ڪندي راڳ ويراڳ جي ميدان ۾ قدم رکيو، هن راڳ جي تعليم پنهنجي وقت جي صوفي ۽ ڪلاسيڪل راڳي فقير امام علي ٿهيم وٽان حاصل ڪئي. هي پنهنجي ننڍي ڀاءُ سنڌ جي نامياري صوفي راڳي فقير مظفر علي دائي سان گڏ سُنگ جي صورت ۾ ڳائيندو آهي. فقير منور علي پي. ٽي. وي، ڪي. ٽي. اين ۽ آواز ٽي.وي، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، هي يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائيندو آهي. فقير منور علي دايو راڳي هجڻ سان گڏ هڪ سٺو شاعر، خطاط ۽ ڍولڪ نواز پڻ آهي. شاعريءَ ۾ شفقت علي ’منور‘ جي نالي سان شعر لکندو آهي، جڏهن ته هڪ پرائمري استاد هجڻ جي حوالي سان سندس اکر تمام سٺا آهن، جنهنڪري پاڻ هڪ بهترين خطاط پڻ آهي ۽ اسڪول ۾ پنهنجي شاگردن جي اکرن طرف خاص توجهه ڏيندي پرائمري تعليم جي قديم روايت پٽيءَ جي لکت کي اڄ ڏينهن تائين زندهه رکيو اچي ٿو.


لفظ فقير منور علي دايوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو